ماحولياتي انصاف کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪميٽي جي ٻيهر جوڙجڪ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ماحولياتي انصاف جي فروغ لاءِ ڪميٽي کي ٻيهر جوڙي ڇڏيو آهي.اعلان موجب، چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي ماحولياتي انصاف جي فروغ لاءِ ڪميٽي کي ٻيهر جوڙيو، جنهن جي رجسٽرار هڪ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو آهي.جسٽس شفيع صديقي جي صدارت هيٺ 8 رڪني ڪميٽي ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جو جج علي باقر نجفي، لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج جسٽس محمد ساجد محمود شامل آهن، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جسٽس جواد ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو جسٽس امير نواز رانا ڪميٽي جا ميمبر هوندا.ان کان علاوه، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو جسٽس محمد نعيم ڪميٽي جا ميمبر هوندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔