توهان جي نظر ڪمزور آهي يا نه؟ خبر پڙهو ٽيسٽ ٿي ويندي

موبائل اسڪرين، ماحولي گدلاڻي ۽ ٻين جسماني ڪمزورين جي ڪري نظر گهٽ ٿيڻ جو مسئلو اڄڪلهه وڌندو پيو وڃي، ننڍا هجن توڙي وڏا نظر جون عينڪون پائڻ هر ڪنهن لاءِ عام مسئلو بڻجي ويو آهي.

ڏينهن جو گهڻو وقت موبائل اسڪرين تي رهڻ جي ڪري ڪيترن ئي ٻارن وڏن کي نه رڳو نظر گهٽ ٿيڻ پر مٿي جي سور جو اهنج به وڌي ويو آهي.

توهان جي نظر ڪمزور آهي ته نه، ان جو اندازو ڄاڻايل ان تصوير مان ئي لڳائي سگهجي ٿو.

ان تصوير ۾ سائي رنگ کي ٽن مختلف قسمن ۾ ڏيکاريو ويو آهي. جيڪڏهن توهان به پنهنجي نظر ٽيسٽ ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان پهريون اها تصوير ڏسو ۽ ٻڌايو ته ان ۾ سڀ کان گهرو سائو رنگ ڪهڙو آهي.

رنگ جي ٽنهي قسم تي سيريز وائيز نمبر لکيا ويا آهن، جن کي هڪ، ٻه ۽ ٽي سان سڃاڻي سگهجي ٿو.

توهان کي اهو اهو ڏسڻ لاءِ ته توهان جي نظر ڪيتري صحيح يا ڪيتري ڪمزور آهي اهو ٻڌائڻو پوندو ته انهن ٽنهي رنگن مان وڌيڪ ڪارو، چِٽو، گهرو يا وري تيز رنگ ڪهڙو آهي؟

هيٺ گهري رنگ جو نمبر جاچڻ کان اڳ هڪ ڀيرو توهان ان تصوير کي غور سان ڏسو ۽ ان جو جواب پوءِ پڙهو ته جيئن توهان کي خبر پئجي سگهي ته توهان جي نظر ڪمزور آهي ته نه؟

جيڪڏهن توهان ٽنهي رنگن کي غور سان ڏٺو هوندو ته توهان ڪنهن نه ڪنهن نتيجي تي پهتا هوندا، ٽنهي مان ڪو هڪ رنگ ته توهان کي ضرور گهرو ۽ تيز لڳو هوندو.

اسانکي اها ته پَڪ آهي ته توهان کي ٽيون نمبر وارو رنگ ته گهرو نه لڳو هوندو؟

جيڪڏهن ڪنهن کي لڳي ٿو ته گهرو رنگ ٽئين نمبر واري گول دائري جو آهي ته توهان جي نظر تمام گهڻي ڪمزور آهي ڇو ته حقيقت ۾ سڀ کان هلڪو رنگ ان ٽئين نمبر جو آهي.

هاڻي توهان جو تجسس وڌيو هوندو، هڪ ڀيرو ٻيهر تصوير ڏسو!

توهان کي ڇا ٿو لڳي ته پهريون يا ٻيو؟

جيڪڏهن هاڻي به توهان کي لڳي ٿو ته پهرين نمبر واري گول دائري جو رنگ وڌيڪ گهرو آهي ته هن وقت به توهان غلط آهيو.

توهان جو اهو جواب به درست ناهي ۽ پهرين نمبر وارو رنگ به رڳو ٽئين نمبر واري گول دائري واري رنگ کان ٿورو وڌيڪ آهي پر ٽنهي رنگن مان سڀ کان گهرو اهو به ناهي.

يقينن هاڻي آخري رنگ بچو، اهو آهي ٻيو نمبر.

ته ان سوال جو جواب به اهو آهي ته سڀ کان وڌيڪ گهرو رنگ ان ٻئي نمبر واري گول دائري جو آهي.

هاڻي ته توهان کي يقين ٿيڻ گهرجي ته ٻيو نمبر سڀ کان وڌيڪ گهرو آهي.

جن به گهري رنگ لاءِ ٻئي نمبر گول دائري جي چونڊ ڪئي انهن جي نظر صحيح آهي ۽ اهي پريشان نه ٿين.

جڏهن ته باقي ٻن ٻين گول دائرن کي صحيح جواب چوندڙن کي پنهنجي نظر جو خيال رکڻ گهرجي ڇو ته انهن جي نظر ڪمزور آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔