بحرين نيشنل گارڊ ڪمانڊر جي آرمي چيف سان ملاقات

راولپنڊي : آرمي چيف جنرل عاصم منير بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفا سان ملاقات ڪئي آهي.پاڪ فوج جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات ۾ ٻطرفي فوجي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي موقعن تي پڻ بحث ڪيو ويو.آرمي چيف جنرل عاصم منير گڏيل سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ تعاون وڌائڻ جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو.بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفا پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيورانه صلاحيتن جي تعريف ڪئي ۽ دهشتگردي خلاف پاڪ فوج جي ڪوششن جي تعريف ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔