جنگبندي معاهدي جي باوجود غزه ۾ اسرائيل جا فضائي حملا جاري، شهيدن جو انگ 300 ٿي ويو

انقره: جنگبندي معاهدي جي باوجود غزه پٽي ۾ اسرائيل جا فضائي حملا جاري آهن جنهن جي نتيجي ۾  ٻارن سميت 300 فلسطيني شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

فلسطين جي سول ايمرجنسي سروس جو چوڻ آهي ته غزه ۾ سحري جي وقت اسرائيلي فوج 35 فضائي حملا ڪيا. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب سحري جي وقت ديرالبلاح، خان يونس ۽ رفح سميت غزه جي مختلف حصن تي بمباري ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 150 کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿي پيا آهن.

غزه سٽي ۾ التابعين اسڪول تي حملو ڪيو ويو ۽ المواسي ۾ پناهگيرن جي خيمن کي به نشانو بنايو ويو. 19 جنوري تي حماس سان جنگبندي جي شروعات کان پوءِ اسرائيل طرفان اهي سڀني کان وڏا حملا ڪيا ويا آهن.

اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس جو چوڻ آهي ته حماس طرفان يرغمال جي آزادي کان انڪار ۽ ڏنل سموريون تجويزون رد ڪرڻ کان وءِ اسرائيلي فوج کي غزه ۾ حماس جي خلاف سخت ايڪشن کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيو ويون آهن. اسرائيلي فوج موجب غزه ۾ حماس سان تعلق رکندڙ حدفن تي بمباري ڪئي وئي جڏهن ته وائٽ هائوس جو چوڻ آهي ته حملن بابت آمريڪا سان مشاورت ڪئي وئي هئي.

ٻئي طرف اسرائيلي حملن تي فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اسرائيل هڪ طرفي طور تي جنگبندي معاهدي کي ختم ڪري رهيو آهي. حماس  اختيارين موجب اسرائيل غزه ۾ شهرين تي ٻيهر حملا شروع ڪري ڏنا آهن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسرائيل حماس سان جنگبندي جي ٻئي مرحلي تي ڳالهيون شروع ڪرڻ جو حماس جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو هو. معاهدي جي تحت ٻئين مرحلي ۾ اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ مستقبل جگبندي طئي  ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔