ڪراچي: پاڪستان جو سڀ کان ڊگهي قد وارو شخص نصير سومرو لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي: پاڪستان جو سڀ کان وڏو قد رکندڙ شخص نصير احمد سومرو لاڏاڻو ڪري ويو.

نصير سومرو جي لاڏاڻي بابت ڀاءُ رياض سومرو ميڊيا کي ٻڌايو ته 55 ورهين جو ڀاءُ ڪيترن ئي مهينن کان ڦڦڙن جي بيماري ۾ مبتلا هو.

هن وڌيڪ چيو ته نصير سومرو ڪيترن ئي مهينن کان گهر ۾ علاج هلندڙ هو، سندس جنازي نماز سڀاڻي شڪارپور ۾ ادا ڪئي ويندي.

نصير  سومرو جو قد 7 فٽ 9 انچ هو، جنهن سبب هو ملڪ جي قد آور ترين ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هو، هن ڪيئي ٽي وي پروگرامن ۾ پڻ شرڪت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔