40 ارب ڊالر قرض جي منظوري جي جائزي لاءِ عالمي بئنڪ جي وفد جي آمد

اسلام آباد: : عالمي بينڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرن جو هڪ وفد پاڪستان لاءِ 40 ارب ڊالر جي اقتصادي ترقي جي فريم ورڪ تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ اسلام آباد پهچي ويو آهي.ورلڊ بينڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرن جو وزيراعظم شهباز شريف ۽ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سان ملاقات جو پروگرام آهي. وفد اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي وزير، منصوبابندي واري وزير ۽ توانائي واري وزير سان به ملاقات ڪندو.ناڻي واري وزارت جي عملدارن موجب، هن دوري دوران، عالمي بينڪ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ 40 ارب ڊالر جي فنڊنگ جي اثرائتي عمل درآمد تي بحث ڪيو ويندو، ۽ ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت فنڊنگ جي اثرائتي استعمال تي جائزو ورتو ويندو.آفيسرن وڌيڪ چيو ته وفد ترقياتي قدمن جو جائزو وٺندو، حڪمت عملي لاءِ صوبن سان صلاح مشورو ڪندو، ۽ خيبر پختونخوا، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جو دورو ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔