واشنگٽن : ارب پتي ڪاروباري شخصيت ايلون مسڪ چيو آهي ته سندس آرٽيفيشل انٽيلي جينس (اي آءِ) چيٽ بوٽ ’Grok 3’ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي ۽ ان کي اندازن ٻن هفتن اندر ريليز ڪيو ويندو. دبئيءَ ۾ منعقد ’ورلڊ گورنمينٽ سمٽ’ ۾ وڊيو ڪال تي خطاب ڪندي، ايلون مسڪ چيو ته ’گروڪ 3’ جي سمجهڻ، سمجهائڻ جي صلاحيت تمام سگهاري آهي. ان جي ڪري جيڪي ٽيسٽ هن مهل تائين ٿيا آهن انهن ۾ ’گروڪ 3’ سڀني کان بهتر آهي، جيڪي اڄ تائين ريليز ڪيا ويا آھن ۽ جن بابت اسان ڄاڻ رکون ٿا. سندس لفظن ۾، ’’اھو هڪ سٺو سنئوڻ آھي’’. گروڪ ايلون مسڪ جي ھٿرادو انٽيلي جينس ڪمپني ’XAI جو چيٽ بوٽ آھي. ايلون مسڪ جي پاران 2023 ۾ ايڪس اي آءِ جو بنياد مائڪروسافٽ جي حامي ڪمپني ’اوپن اي آءِ’ ۽ ’ايلفا بيٽا’ جي ملڪيت گوگل جي چيلينجر طور رکي ويو هو. ان کان اڳ 2015 ۾ مسڪ سيم آلٽمين ساڻ گڏجي ھڪ اڻ فائديمند اداري جي طور تي ’اوپن اي آءِ’ جو بنياد رکيو ھو. پر ڪمپنيءَ جي چوٽ چڙھڻ کان اڳ ۾ ئي ھو پاڻ ان کان جدا ٿي ويو ھو. ’اوپن اي آءِ’ مشھور چيٽ بوٽ ’ChatGPT’ ٺاھڻ واري ڪمپني آھي ۽ ان جو ’سي اي او’ سيم آلٽمين آھي. دبئيءَ ۾ ڪانفرنس کي خطاب ۾ ايلون مسڪ ’اوپن اي آءِ’ جي سي اي او سيم آلٽمين جي مينيجمينٽ تي تنقيد به ڪئي. ان کان اڳ سومر تي ايلون مسڪ جي اڳواڻيءَ ۾ سيڙپڪارن جي ھڪ گروپ آرٽيفيشل انٽيلي جينس ڪمپني ’اوپن آي آءِ’ خريدڻ جي لاءِ 97 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي پيش ڪش ڪئي ھئي.’اوپن اي آءِ’ چيو آھي ته اها هڪ اڻ فائديمند اداري منجهان فائدي ڏيندڙ اداري ۾ بدلجڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل آهي. ان چيو ته بهترين اي آءِ ماڊلز جي تياريءَ جي لاءِ گهُربل سيڙپ ڪاري ڪرڻ جي لاءِ ائين ڪرڻ ضروري آهي. ايلون مسڪ آلٽمين ۽ ٻين جي خلاف پوئين سال آگسٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن ۾ هن دعوا ڪئي هئي ته هن اي آءِ کي هٿي ڏيڻ جي ڪم ۾ عوامي مفاد کي پوئتي ڇڏي نفعي کي ترجيح ڏني، جيڪا ڳالھ معاهدي جي شرطن جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته هن آمريڪي عدالت کي التجا ڪئي هئي ته اها ’اوپن اي آءِ’ کي نفعي بخش اسٽرڪچر ۾ بدلجڻ کان روڪڻ جي لاءِ منع نامو جاري ڪري. خميس ڏينهن ڪانفرنس دوران ايلون مسڪ ’Dubai Loop’ رٿا ۾ ڀائيواريءَ جو به اعلان ڪيو. پر سندس انٽرويو ڪرڻ واري گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي وزير اي آءِ عمر العلما ۽ مسڪ ٻنهي پنهنجي منصوبي متعلق وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايا.’دبئي لوپ’ هڪ زير زمين تيز رفتار ٽرانسپورٽ جي رٿا آهي جنهن کي ايلون مسڪ ’ورم هول’ جھڙو ڪوٺيو آھي. ايلون مسڪ چيو ته اهو هڪ ’Wormhole’ هوندو، يعني توهان شهر جي هڪ حصي کان داخل ٿيو ۽ تڪڙو ئي شهر جي ٻئي حصي ۾ پهچي وڃو. ’ورم هول’ هڪ تصوراتي سرنگھ آهي جنهن ۾ زمان و مڪان جي ملاپ کي سيلينڊر جي روپ ۾ بيان ڪيو ويندو آهي. ان جي پٺيان اها سوچ ڪارفرما آهي ته زمان و مڪان ۾ اهڙا شارٽ ڪٽ هوندا آهن جن منجهان تيز ور وڪڙ ممڪن آهن. ان جو تعلق آئين آسٽائين جي نظرين سان به جوڙيو ويندو آهي.