ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ اوچتو گهٽتائي آئي آهي،آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولري ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون جي قيمت ۾ 4 هزار 700 رپيا گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کان پوءِ في تولو سون جي قيمت 31 هزار 500 رپين تائين پهچي وئي آهي،اهڙي طرح 10 گرام سون 4,030 رپين جي گهٽتائي سان 258,487 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي،ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 50 ڊالر گهٽجي 2,883 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.