ٻلي جهاز هاءِ جيڪ ڪري ورتو، پڪڙڻ جون سڀ ڪوششون ناڪام

ٻلي بوئنگ جهاز هاءِ جيڪ ڪري ورتو ۽ اهو ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن سبب اڏام ٻه ڏينهن دير جو شڪار ٿي وئي.
رپورٽ موجب ريان ايئر جي اڏام ان وقت دير جو شڪار ٿي، جڏهن عملي ميمبرن ميائون ميائون جو آواز ٻڌي پائلٽ ۽ پائلٽ وري ڪنٽرول ٽاور کي آگاهه ڪيو.
بوئنگ 737 روم کان جرمني وڃي رهيو هو پر ٻلي لڪي لڪي جهاز ۾ داخل ٿي وئي ۽ پنهنجي جاءِ ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
عملي طرفان ٻلي کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي پر ان کي ڪاميابي نه ملي، ٻلي هر دفعي جهاز جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ لڪي وئي، عملي جا ميمبر ان ڪري به احتياط ڪري رهيا هئا ته ٻلي جهاز جي ڪنهن حصي ۾ ڦاسي مري نه وڃي.
عملي جون سڀ ڪوششون ناڪام رهيون ۽ ٻلي ٻن ڏينهن کان پوءِ رضاڪاراڻي طور جهاز ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ فاتحاڻي انداز ۾ ڏاڪڻ تان لهي رن وي تي هلندي نظر آئي، جنهن کي عملي قابو ڪري ورتو.
ايئرپورٽ ذريعن وضاحت ڪئي ته جيڪڏهن ٻلي اڏام سان گڏ رواني ٿي وڃي ها ته 30 هزار فوٽ جي اوچائي تي وڏو مسئلو پيدا ٿي پئي سگهيو ۽ هزارين ڊالرن جي نقصان سميت قيمتي جانيون به ضايع ٿيڻ جو خدشو هو.
واضح رهي ته 2021 ۾ سوڊان کان قطر ويندڙ هڪ اڏام ۾ ٽيڪ آف کانپوءِ ٻلي پائلٽ تي حملو ڪري ڏنو هو، جنهن کانپوءِ جهاز کي فوري طور واپس لينڊ ڪرڻو پيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔