ممبئي : بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ جي هڪ وڊيو وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ هو هڪ مشڪل ۽ سخت ورزش ڪري رهي آهي،ڀارتي اداڪاره عاليا ڀٽ پنهنجي نئين ايڪشن فلم ‘الفا’ لاءِ سخت تربيت ۾ مصروف آهي ۽ فلم ۾ پنهنجي اداڪاري جا صلاحيتون ڏيکارڻ لاءِ سخت محنت ڪري رهي آهي. هن فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي، جتي هوءَ جم ۾ ورزش ڪري رهي آهي.وڊيو ۾ عاليا ڀٽ جم ٽاپ ۽ يوگا پتلون ۾ فلائنگ پش اپس ڪندي نظر اچي رهي آهي. عاليا ڀٽ جي ورزش جي وڊيو ڏسڻ کان پوءِ مداح حيران ٿي ويا ۽ اداڪاره جي فٽنيس لاءِ لگن ۽ محنت جي تعريف ڪئي.عاليا ڀٽ انسٽاگرام تي پنهنجي ورزش جي وڊيو پوسٽ ڪندي لکيو ته سخت محنت تمام ضروري آهي.