ٽرائي سيريز جو اهم ميچ، ڏکڻ آفريڪا جي بيٽنگ جاري

ڪراچي: ٽرائي نيشن سيريز جي اهم ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪپتان ٽيمبا بئوما توني ڊي زورزي سان گڏ اننگ شروع ڪئي. ٽوني زورزي هڪ ڇڪو ٽي چوڪا هڻي 18 بالن تي 22 رنسون ٺاهي شاهين آفريدي جي بال تي سلپ ۾ سلمان هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد نيوزيلينڊ خلاف ڊيبيو ڪندڙ ميٿيو بريزڪي آيو. هن پهرين ميچ ۾ 150 ناٽ آئوٽ رنز ٺاهيون هيون. ميچ مرمت بعد گذريل ڏينهن افتتاح ڪيل ڪراچي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو پيو وڃي. پاڪستاني ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون آهن. ڪامران غلام جي جاءِ تي سعود شڪيل ۽ زخمي هئڻ سبب ٽيم کان ٻاهر ٿيندڙ حارث يئوف جي جاءِ تي محمد حسنين کي کيڏايو پيو وڃي. ڏکڻ آفريڪا ٽيم ۾ 4 تبديليون ڪيون آهن، اوپنر ٽوني ڊي زورزي، هينري ڪلاسن، ڪوبن بوش ۽ ڪيشو مهراج کي شامل ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔