ٽرمپ منصوبو رد، هي ريئل اسٽيٽ ناهي اهو سياسي آپريشن آهي: فرانسيسي صدر

پيرس:فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون آمريڪي هم منصب ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه بابت منصوبن کي رد ڪري ڇڏيو.نيوز ايجنسي موجب، فرانسيسي صدر ميڪرون آمريڪي صدر ٽرمپ جي غزه بابت منصوبن کي رد ڪندي چيو ته 20 لک ماڻهن کي ڪٿي ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ نه ٿو چئي سگهجي.فرانسيسي صدر چيو ته فلسطينين ۽ انهن جي عرب پاڙيسرين جي وقار ۽ احترام جو خيال رکڻ گهرجي. هي ڪو ريئل اسٽيٽ آپريشن ناهي، اهو هڪ سياسي آپريشن آهي.صدر ميڪرون، غزه جنگ تي نيتن ياهو سان پنهنجن اختلافن جي وضاحت ڪندي چيو ته مون هميشه اسرائيلي وزيراعظم سان پنهنجي اختلاف کي ورجايو آهي. عام ماڻهن کي نشانو بڻائڻ لاءِ اهڙي وڏي پيماني تي ڪارروائي صحيح ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔