ٽنڊو ڄام:سنڌ جي علمي، زرعي ۽ تحقيقي ادارن جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته موسمياتي تبديليءَ سبب فصلن ۾ نيون بيماريون ۽ ڪيڙا جنم وٺي رهيا آهن، وڌندڙ گرمي، بيترتيب برساتن ۽ نون ڪيڙن جي حملن سبب زرعي پيداوار سخت متاثر ٿي رهي آهي. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام (SAU) ۾ اڱاري ڏينهن ”روايتي طريقن سان ڪڻڪ جي مختلف قسمن جي پيداوار وڌائڻ“ جي موضوع تي 2 ڏينهن وارو قومي تربيتي ورڪشاپ ٿي گذريو. جنهن کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر اپروفيسر ڊاڪٽر لطاف علي سيال خطاب ڪندي چيو ته موسمياتي تبديلين سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ شعبو زراعت جو آهي جنهن ۾ مختلف فصلن جي پيداوار گهٽجي رهي آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ ڪڻڪ جي پائيدار پيداوار خوراڪ جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ڪڻڪ نه رڳو پاڪستان جو بنيادي فصل آهي پر قومي خوراڪ جي تحفظ ۽ معاشي استحڪام جو ٿنڀو به آهي. هن ڪڻڪ جي وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ جنسن، جيڪي بيمارين کي منهن ڏيڻ ۽ آبهوا سان مطابقت رکندڙ جنسون تيار ڪرڻ تي فوري ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جديد بايو ٽيڪنالوجي ۽ جينياتي انجنيئرنگ ۾ ڪافي اهم پيش رفت ٿي آهي جنهن جي مدد سان اسانکي ڪم ڪرڻو پوندو. ڊائريڪٽر جنرل آف ايگريڪلچر ريسرچ سنڌ مظهرالدين کيڙو چيو ته موسمياتي خطري جي تشخيص کي زرعي تحقيق ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته محققن کي موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي اپنائڻو پوندو. هن چيو ته ورڪشاپ هارين، ٻج جي صنعت جي ماهرن ۽ شاگردن کي جديد تحقيق ۽ فني صلاحيتن سان آراسته ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي ته جيئن ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏئي سگهجي. سوشل پاليسي اينڊ ڊولپمينٽ سينٽر جي چيئرمين ڊاڪٽر ظهور احمد سومرو ۽ ڊاڪٽر تنوير فتح ابڙو SAU جي تجرباتي فارمن ۾ ڪڻڪ جي ريسرچ جي تجربن بابت جديد نتيجا پيش ڪيا. افتتاحي اجلاس جي صدارت ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀار ڪئي.