اسلام آباد : پي ٽي آءِ جي باني عمران خان شير افضل مروت کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو.ذريعن موجب شير افضل مروت کي بار بار پارٽي نظم و ضبط جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پارٽي مان ڪڍيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته شيرافضل مروت کي اڳ ۾ پارٽي خلاف بيان ڏيڻ تي شوڪاز نوٽيس ڏنو ويو هو.ذريعن موجب، پي ٽي آءِ جي باني صوابي جي جلسي ۾ شير افضل جي غير ضروري تقرير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي اڳواڻ جلد ئي شير افضل مروت جي بنيادي ميمبرشپ ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندا.ذريعن موجب، شير افضل مروت کي بنيادي ميمبرشپ ختم ٿيڻ کان پوءِ ايم اين اي جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ چيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳواڻن عمران خان کي صوابي جي جلسي ۾ شير افضل مروت جي ڪردار بابت شڪايت ڪئي هئي.