لاهور : اڄ سيارن جي پريڊ ڏسڻ جو بهترين موقعو آهي. فلڪيات دان پروفيسر جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته هن وقت ڇهه سيارا هڪ ئي قطار ۾ نظر اچي رهيا آهن.پروفيسر جاويد اقبال چيو ته زهره، مشتري، مريخ ۽ زحل کليل اک سان نظر ايندا.نيپچون ۽ يورينس کي دوربين ذريعي ڏسي سگهجي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته هي سيارو ڏسڻ فيبروري جي ٻئي هفتي تائين جاري رهندو.