آمريڪا ۾ مظاهرن جو سلسلو نه رڪجي سگهيو، مختلف شهرن ۾ چڪريون

واشنگٽن: آمريڪا ۾  مظاهرن جي سلسلي ۾ روزاني تيزي اچي رهي آهي  جنهن کان پوءِ آمريڪي صدر ٽرمپ پوليس اصلاحن جي ايگزيڪٽو آرڊر تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.

آمريڪي پوليس اهلڪارن جي هٿان ڪاري نسل جي شهري جي مارجي وڃڻ کان پوءِ مظاهرن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

  ورجينيا رياست جي شهر رچمنڊ ۾ ڪاري نسل جي شهري جي قتل کان پوءِ نسل پرستي جي خلاف احتجاج ڪيو ويو. مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي لاءِ پوليس ڳوڙها آڻيندڙ  گئس ۽ فائر ڪريڪرز جو استعمال ڪيو. ٻئي طرف ميسوري رياست جي شهر سينٽ لوئس ۾ لڳل ڪرسٽوفر ڪولمبس جو مجسمو احتجاجي مظاهري کان پوءِ هٽايو ويو.

هوڏانهن  آمريڪا ۾ مظاهرن ۾ تيزي کان پوءِ سڄي آمريڪا ۾ پوليس اهلڪارن استعيفيٰ ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ميني پوليس شهر جي ترجمان موجب هينئر تائين 7 اهلڪار استعيفيٰ ڏئي چڪا آهن. جڏهن ته اٽلانٽا پوليس به هڪ مهيني ۾ 8 پوليس اهلڪارن جي استعيفيٰ جي تصديق ڪئي آهي. 

ڏکڻ فلوريڊا ۾ ايس ڊبليو اي ٽي يونٽ جي 10 اهلڪارن استعيفيٰ ڏنو جڏهن ته نيويارڪ جي علائقي بوفيلو ۾ احتجاج ڪندڙ بزرگ شهري وڪ کي ڌڪو ڏيڻ تي 2 اهلڪارن کي معطل ڪرڻ جي خلاف احتجاجن پوليس جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيم جي 60 اهلڪارن  پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪئي هئي.

هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ لا اينڊ آرڊر کي يقيني بنائڻ جي دوران پوليس قدمن بابت اصلاحن جي ايگزيڪٽو آرڊر تي صحيحون ڪيون هيون. آمريڪي صدر ٽرمپ تنقيد جي باوجود هڪ دفعو ٻيهر چيو هو ته مان ميني پوليس جيان حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ سيائل سميت ٻين شهرن ۾ نيشنل گارڊز موڪلڻ لاءِ تيار آهيان.

باهيون ڏيندڙ  ۽ ڦر مار ڪندڙن کي سخت کان سخت سزا ڏني ويندي. ان کان علاوه ڏکڻ آفريڪا جي گادي واري شهر ڪيپ ٽائون ۾ به نسل پرستي جي خلاف احتجاج ڪيو ويو. مظاهرين پارليامينٽ جي دروازي تي لڳل ڏکڻ آفريڪا جي پهرين وزيراعظم لوئس بوتها جو مجسمو هٽائڻ جو مطالبو ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔