ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب 24ڪلاڪن دوران وڌيڪ 136ڄڻا فوت

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا جي متاثرن جو انگ تيزي سان وڌڻ لڳو. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ هڪ لک 54 هزار 760 تائين پهچي ويو آهي. جڏهن ته هڪ ئي ڏينهن دوران 136 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 2 هزار 975 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 هزار 839 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 58 هزار 239، سنڌ ۾ 57 هزار 868، خيبرپختونخواهه ۾ 19 هزار 107، بلوچستان ۾ 8 هزار  437، گلگت بلتستان ۾ هڪ هزار 16، اسلام آباد ۾ 9 هزار 242 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 703 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

سڄي ملڪ ۾ هينئر تائين 9 لک 50 هزار  782 ڄڻن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 28 هزار 117 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 58 هزار 437 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا سبب هڪ ئي ڏينهن دوران 136 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ وائرس سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 2 هزار 975 ٿي ويو آهي.

پنجاب ۾ هڪ هزار 149، سنڌ ۾ 886، خيبرپختونخواهه ۾ 731، اسلام آباد ۾ 90، گلگت بلتستان ۾ 17، بلوچستان ۾ 89 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 13 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔