سنڌ ڪابينا 12 کرب روپين جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ ڪابينه 12 کرب روپين جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن،  هارين ۽ پرائيويٽ سيڪٽر کي رليف ڏنو آهي. مالي پريشانين جي باوجود سرڪاري ملازمن ۽ عوام کي رليف ڏينداسين.

هن چيو ته مشڪل صورتحال ۾ عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. جڏهن ته پريشانين جي باوجود اسان ترقياتي ڪمن لاءِ به بجيٽ رکي آهي ۽ ڪوشش ڪئي آهي ته هڪ بهتر بجيٽ پيش ڪريون.  سنڌ حڪومت جي ذريعن موجب بجيٽ ۾ سنڌ جي سرڪاري ملازمن لاءِ وڏي خوشخبري آهي.

سنڌ جي گريڊ هڪ کان 16 جي ملازمن جي پگهارن ۾  10 سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گريڊ 17 کان گريڊ 21 تائين صوبائي حڪومت جي آفيسرن جي پگهارن ۾ پنج سيڪڙو واڌ ڪئي ويندي. سنڌ جي نئين مالي سال 21-2020 جو بجيٽ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه پيش ڪندو.

بجيٽ ۾ سنڌ حڪومت جي سرڪاري ملازمن جي مالي مراعتن ۾ واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي. جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جو حتمي فيصلو صوبائي ڪابينه ڪندي. ڪورونا ايمرجنسي ريسپانس پروگرام جي لاءِ پنج ارب روپيه مقرر ڪرڻ ۽ اين آءِ سي وي ڊي جي لاءِ پنج اعشاريه هڪ ارب روپيه مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي.

ايس آءِ يو ٽي جي لاءِ پنج ارب روپين جي خاص گرانٽ جي تجويز جڏهن ته ٽرانسپورٽ جو ڪوبه نئون منصوبو بجيٽ تجويزن ۾ شامل ناهي. صحت کاتي جي نئين اسڪيمن جي لاءِ 10 ارب روپيه  مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔