لنڊن ۾ عمران خان جون 6 ۽ شهزاد اڪبر جون 5 ملڪيتون آهن: سپريم ڪورٽ ۾ تفصيل جمع

اسلام آباد: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ ۾ صدارتي ريفرنس جي خلاف درخواست ۾ وڌيڪ دستاويز جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان داخل ڪرايل دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان نيازي جي نالي تي برطانيه ۾ 6  ۽ شهزاد اڪبر جي نالي تي 5 ملڪيتون آهن ۽ اها ڄاڻ برطانوي لينڊ رڪارڊ جي سرچ انجن 192 ڊاٽ ڪام تان ورتي وئي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته حڪومت موجب منهنجي گهر ڀاتين جون ملڪيتون به هن ويب سائٽ تان ڳولا ڪيون ويون. جواب ۾ چيو ويو ته شهزاد اڪبر جي نالي تي برطانيه ۾ 5، ذوالفقار بخاري جي نالي تي 7 ملڪيتون آهن. جڏهن ته عثمان ڊار ۽ فردوس عاشق اعواڻ جي نالي تي به برطانيه ۾ ملڪيتون آهن. ان کان علاوه جهانگير ترين ۽ پرويز مشرف به برطانيه ۾ ملڪيتن جا مالڪ آهن.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اهو الزام ناهي لڳائڻو ته حڪومتي شخصيتن ملڪيتون ناجائز ذريعن سان ٺاهيون. ايف بي آر اهو طئي ڪندو ته حڪومتي شخصيتن ڪيتري ٽيڪس آمدني ظاهر ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ به اهو طئي ڪندي ته حڪومتي شخصيتن اهو پئسو جائز طريقي سان پرڏيهه موڪليو.؟ درخواست ۾ اثاثن واري ريڪوري يونٽ ۽ ان جي سمورن قدمن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ شهزاد اڪبر ۽ آر يو جي ماهر انٽرنيشنل ڪريمنل لاضيا المصطفيٰ نسيم کان سموريون پگهارون ۽ مراعتون واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن جسٽس قاضي فائز عيسيءِ جي خلاف صدارتي ريفرنس بابت ٻڌڻي ۾ سپريم ڪورٽ پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو هو ته ريفرنس ۾ ڪيتريون ئي ڪوتاهيون آهن. جيڪڏهن ريفرنس بدنيتي تي ٻڌل هوندو ته ان کي خارج ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔