اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري مدرسن جي رجسٽريشن جو بل اعتراض لڳائي واپس اماڻي ڇڏيو. قومي اسيمبلي جي ذريعن موجب مدرسن جي رجسٽريشن وارو بل صدر آصف علي زرداري گذريل ڏينهن اعتراض لڳائي واپس اماڻي ڇڏيو آهي. صدر طرفان بل واپس اماڻڻ کان پوءِ حڪومت پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ تي غور ڪري رهي آهي جيڪو ايندڙ هفتي گهرائڻ جو امڪان آهي جڏهن ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ مدرسن جي رجسٽريشن جو بل پيش ڪرڻ جو به امڪان آهي.
ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان ملاقات ۾ مدرسن جي رجسٽريشن واري بل تي صدر جي صحيح نه ڪرڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو هو. حڪومتي ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان آئنده ڪوبه تعاون مدرسن جي رجسٽريشن واري بل جي منظوري سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي.
حڪومتي ذريعن ٻڌايو آهي ته بلاول ڀٽو جو حڪومت جي اعليٰ عهديدارن سان رابطو ٿيو آهي. جنهن ۾ هن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جي تجويز ڏني آهي جنهن ۾ ڪجهه ٻيا بل به پيش ڪيا ويندا.