ڪراچي : پشاور زلمي جي اسسٽنٽ ۽ بالنگ ڪوچ اظهر محمود چيو ته بابر اعظم هميشه ورلڊ ڪلاس هو.
ڪراچي ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز خلاف ميچ ۾ فتح کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي اظهر محمود چيو ته پاڪستان ۾ ڪو به اهڙو رانديگر ناهي جنهن جو اسٽرائڪ ريٽ 180 يا 190 هجي. ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم بابت چيو ته بابر هميشه ورلڊ ڪلاس هو، ان سان توهان کي تسلسل ملندو آهي.
اظهر محمود چيو ته اسان پنهنجي شيڊول کي ڏسڻ کان پوءِ پي ايس ايل لاءِ اسڪواڊ ٺاهيو هو.
هن چيو ته، “مان پراميد آهيان ته اسان وٽ ملڪ ۾ ڪافي قابليت آهي، اهم ڳالهه اها آهي ته هن قابليت کي صحيح طريقي سان استعمال ڪيو وڃي
تبصرے بند ہیں۔