آءِ ايم ايف طرفان گئس جا اگهه وڌائڻ لاءِ 15 فيبروري جي مهلت

اسلام آباد: عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) حڪومت کي گيس جي قيمتن ۾ واڌ لاءِ 15 فيبروري 2025ع جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.تفصيل موجب آءِ ايم ايف حڪومت کان 15 فيبروري 2025ع تائين گئس جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب اوگرا اڃا تائين گئس جي قيمتن بابت فيصلو وفاقي حڪومت کي ناهي موڪليو.وفاقي حڪومت اوگرا پاران مقرر ڪيل ٽيرف جي روشني ۾ فيصلو ڪندي ۽ وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ اوگرا گئس جي قيمتن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪندو.ذريعن موجب آءِ ايم ايف گيس ٽيرف ۾ اڌ سال جي بنياد تي ترميم جي شرط رکي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔