انٽرنيٽ اسپيڊ جا مسئلا آهن جن جو حل نظر نٿو اچي: شهزاد

ڪراچي: ڊبليو آءِ ايس پي اي جي چيئرمين شهزاد ارشد جو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ اسپيڊ جا مسئلا آهن جن جو حل نظر نٿو اچي. ڳالهائيندي هن چيو ته وي پي اين جي حوالي سان درخواست آهي ته رجسٽريشن جو وقت وڌايو وڃي.شهزاد ارشد جو چوڻ آهي ته وي پي اين استعمال ڪندڙن جي ضرورت آهي. هن چيو ته آءِ ايس پيز وٽ انٽرنيٽ جي سست رفتاري جو اڃا تائين ڪو حل ناهي.هن جو اهو به چوڻ آهي ته ماڻهن جون شڪايتون آهن ته سوشل ميڊيا ايپس ڪجهه ڏينهن کان صحيح ڪم نه ڪري رهيون آهن.ياد رهي ته ڪراچي ۾ انٽرنيٽ جي رفتار سست هجڻ جون شڪايتون مليون آهن.شهر جي مختلف علائقن خاص ڪري واٽس اپ ميسيجنگ ۾ سخت مسئلا درپيش آهن.ان حوالي سان صارفين جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي علائقن ۾ آڊيو، وڊيو ۽ تصويرن جي ٽرانسميشن ۾ گهڻو وقت لڳي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔