بيروت:لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ حزب الله جو ترجمان شهيد ٿي ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج آچر تي بيروت جي هڪ رهائشي علائقي تي هوائي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ حزب الله جو ترجمان محمد عفيف شهيد ٿي ويو.اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيل حزب الله جو ترجمان محمد عفيف حزب الله جي اڳوڻي سربراهه حسن نصرالله جو صلاحڪار پڻ هو، جڏهن ته هو 2014ع کان حزب الله جو ترجمان رهيو.رپورٽن مطابق اسرائيلي حملي وقت محمد عفيف حزب الله جي حمايت يافته بعث پارٽي جي هيڊ ڪوارٽر ۾ هو.رپورٽن مطابق حملي کان اڳ اسرائيل طرفان ڪا به وارننگ جاري نه ڪئي وئي هئي.لبنان جي صحت واري وزارت موجب اسرائيلي هوائي فوج راس البنا جي علائقي ۾ هوائي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا شهيد ٿي ويا.اسرائيلي هوائي فوج جو چوڻ آهي ته هن علائقي ۾ انٽيليجنس اطلاعن تي ڪارروائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ حزب الله جو ترجمان مارجي ويو.