آءِ ايم ايف سان ڳالهين بابت پڌرائي جاري، معيشت ۾ حڪومتي مداخلت گهٽ ڪرڻ تي زور

اسلام آباد: آءِ ايم ايف مشن جي پاڪستان جي دوري  کان پوءِ ٿيل ڳالهين بابت پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ پاڪستاني اختيارين سان معاشي معاملن تي ڳالهين کي مثبت قرار ڏنو ويو آهي.

آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان کي موجوده قرض پروگرام جي حدفن تي سختي سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. مشن چيف نيٿن پورٽر چيو آهي ته قرض پروگرام جي حدفن تي سختي سان عمل ڪرڻ  کان پوءِ عوام  جي معيار زندگي کي بهتر ڪري سگهجي ٿو. پاڪستاني حڪومت ٽيڪس نه ڏيندڙ شعبن کان ٽيڪس آمدني وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي.

پڌرائي موجب ڳالهين ۾ وفاقي حڪومت سان گڏ صوبائي حڪومتن سان به ڳالهيون ٿينديون. نجي شعبي جي نمائندن سان به ڳالهيون ٿيون جنهن جي دوران سماجي تحفظ ۽ ترقي ۾ صوبن جي ڪردار کي وڌائڻ تي به ڳالهيون ٿعيون. پاڪستان ۾ توانائي جي شعبي ۾ اصلاحات ۽ چيلنجز تي خصوصي ڳالهيون ڪيون ويون.

مشن چيف چيو ته تازو ڳالهين سان آءِ ايم ايف جي 6 مهينن جي جائزي جي لاءِ ڪيل ڳالهين ۾ معاشي اصلاحات پاليسيز ۽ تگرقي جي لاءِ حڪومتي  ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو. آءِ ايم ايف پاڪستان سان ڳالهين کي گڏيل طور تي مثبت قرار ڏيندي ڪيترن ئي شعبن ۾ نجي شعبي جو حصو وڌائڻ ۽ ڪجهه شعبن ۾  پاڪستان جي حڪومت جو حسو محدود ڪرڻ جي ضرور تي به زور ڏنو.

آءِ ايم ايف چيو ته پاڪستان سان 12 کان 15 نومبر تائين مشن چيف نيٿن پورٽر جي سربراهي ۾ ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ پاڪستاني اختيارين جو رويو حوصلو ڏيندڙ ۽ مددگار هو. پاڪستان اختيارين سان ڳالهين تي آءِ ايم ايف ايگزيڪٽو بورڊ کي آگاهه ڪيو ويندو ۽ وفد ايندڙ سال 2025 جي پهرين ٽن مهينن دوران ٻيهر پاڪستان جو دورو ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔