اسلام آباد : پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي بخاري اسلام آباد جي اليڪشن ٽربيونل جي تبديلي واري فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ کي استدعا ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ٽربيونل ۾ تبديلي بابت اليڪشن ڪميشن جو 10 جون جو فيصلو ڪالعدم ڪيو وڃي.اپيل ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 19 سيپٽمبر واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن ٽربيونل جي تبديلي لاءِ چيف جسٽس سان مشاورت نه ڪئي.