پاڪستان پاران سلامتي ڪائونسل ۾ نين مستقل سيٽن جي مخالفت

نيويارڪ : پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ نين مستقل سيٽن جي مخالفت ڪندي سلامتي ڪائونسل ۾ برابر ۽ جوابده سڌارا آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو آهي ته سلامتي ڪائونسل عالمي امن ۽ سلامتي کي پيش ايندڙ خطرن جو اثرائتو جواب ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي، ان جو وڏو سبب مستقل ميمبرن جو فيصلائتي قدم تي متفق نه هجڻ آهي. جنرل اسيمبلي ۾ سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ۾ برابر نمائندگي ۽ اضافو جي سري هيٺ مباحثي ۾ منير اڪرم چيو ته نين مستقل ميمبرن جو اضافو سلامتي ڪائونسل ۾ ڊانواڊول حالت کي وڌيڪ گهرو ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته نين مستقل ميمبرن جو اضافو مسئلي جو حل ناهي، پر مسئلي جو حصو آهي، مستقل ميمبر گڏيل قومن جي قيام سان ئي هڪ تڪراري مسئلو رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔