اسلام آباد: وفاقي حڪومت 9 نومبر تي علامه اقبال جي يوم پيدائش تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪيبينيٽ ڊويزن عام موڪل بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. يوم پيدائش تي يوم اقبال جي حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون وينديون.
مفڪر پاڪستان ڊاڪٽر علامه محمد اقبال 9 نومبر 1977ع تي سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو شروعاتي تعليم اباڻي شهر مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1905 ۾ برطانيه مان وڪالت ۽ بعد ۾ جرمني مان فلسفي ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري به حاصل ڪئي.
ڊاڪٽر علامه محمد اقبال 1910 ۾ ملڪ واپس اچڻ کان پوءِ شاعري جي ذريعي فڪري ۽ سياسي طور تي ڇڙوڇڙ ٿيل مسلمانن کي غفلت جي خواب مان بيدار ڪيو. سياستدان جي حيثيت سان ان جو سڀني کان وڏو ڪارنامو نظريه پاڪستان جي جوڙجڪ آهي. اهوئي نظريو بعد ۾ پاڪستان جي قيام جو بنياد بڻيو. مصور پاڪستان علامه اقبال 21 اپريل 1938ع تي لاهور ۾ وفات ڪري ويو، کيس بادشاهي مسجد ڀرسان دفن ڪيو ويو.