مان اليڪشن جي شڪست کي تسليم ڪيان ٿي: ڪملا هيرس

واشنگٽن: ڊيموڪريٽڪ صدارتي اميدوار ڪملا هيرس جو چوڻ آهي ته اسان کي چونڊن جا نتيجا قبول ڪرڻ گهرجن.اليڪشن ۾ شڪست کانپوءِ تقرير ۾ ڪملا هيرس چيو آهي ته جمهوريت جو اصول آهي ته هارجي ته شڪست تسليم ڪيو، جمهوريت ۽ آمريت ۾ اهو ئي فرق آهي.ڪملا هيرس چونڊ مهم ۾ سهڪار ڪرڻ وارن جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته هنن چونڊ مهم ۾ عوام کي متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.هن چيو ته هو پنهنجي شهرين کي بندوق جي تشدد کان محفوظ رکڻ جي جنگ ۾ هار نه ڏيندا.ڪملا هيرس جو اهو به چوڻ آهي ته اسان جي جنگ آمريڪا جي بهتر مستقبل لاءِ جنگ آهي، اوندهه ۾ تارا نظر اچي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔