ملڪ ۾ ڊينگي، چڪن گونيا ۽ مليريا جي ڪيسز ۾ اضافو

ڪراچي: ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڊينگي، چڪن گونيا ۽ مليريا جي ڪيسز ۾ هڪ دفعو ٻيهر اضافو ٿي ويو آهي.

رپورٽ موجب ملڪ جي وڏن ۽ ننڍن شهرن ۾ ڊينگي، چڪن گونيا ۽ مليريا سميت ٻيا وبائي مرض تيزي سان وڌڻ لڳا آهن. اختيارين موجب گذريل ڪجهه هفتن ۾ ڊينگي ۽ چڪن گونيا جي ڪيسز ۾ تمام  گهڻو اضافو ڏسڻ لاءِ مليو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اسپتالون مريضن سان ڀرجي ويون آهن.

صحت کاتي جي اختيارين موجب صوبي ۾ مليريا جي ڪيسز ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي، جنوري کان آڪٽوبر تائين سنڌ ۾ مليريا جي 2 لک 49 هزار 151 ڪيس سامهون آيا آهن.

صحت کاتي جي ترجمان موجب ڪراچي مان مليريا جا هڪ هزار 976 ڪيس رپورٽ ٿيا، حيدرآباد ڊويزن مان مليريا جا هڪ لک 19 هزار 293، لاڙڪاڻي مان 55 هزار ڪيس سامهون آيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔