اسلام آباد : 26 هين آئيني ترميم جي منظوري جي عمل ۾ بي ضابطگين متعلق سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي
درخواست افراسياب خٽڪ پاران سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي وئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 26 هين آئيني ترميم جي منظوري جي ووٽنگ جي عمل جي انڪوائري ڪرائي وڃي. ڏٺو وڃي ته ميمبرز پنهنجي مرضيءَ سان ووٽ ڏنا يا وري انهن کي غير قانوني طور تي مجبور ڪيو ويو
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڏٺو وڃي ته 26 هين آئيني ترميم کي قانوني طور تي چونڊيل ميمبرز ووٽ ڏنو. قرار ڏنو وڃي ته آئين ۾ ترميم ان وقت تائين نٿي ڪري سگهي جيستائين ڪافي ميمبرن جو معاملو اليڪشن ٽربيونل ۾ زير التويٰ هجي. 26 آئيني ترميم جي منظوري جي طريقيڪار کي بي ضابطگين جي بنياد تي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.