احسن اقبال خلاف ڪيس جو ريفرنس داخل نه ڪرڻ تي نيب چيئرمين کان جواب طلب

اسلام آباد: نارووال اسپورٽس سٽي ڪيس ۾ احسن اقبال جي خلاف جاچ ۾ سستي ۽ ريفرنس داخل نه ڪرڻ تي نيب چيئرمين کان جواب طلب ڪيو ويو آهي.

(ن) ليگ اڳواڻ احسن اقبال جي خلاف نارووال اسپورٽس سٽي ڪامپليڪس ۾ ڪرپشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت ۾ ٿي. احسن اقبال چيو آهي ته  ٻن سالن کان جاچ ٿي رهي آهي. نيب مون کي جاچ جي لاءِ گهرائيندو رهيو، گرفتار به ڪيو پر جاچ مڪمل نه ٿي. 

نيب پراسيڪيوٽر سهيل عارف چيو ته پهريان هي ڪيس ايف آءِ اي وٽ هو، نيب ڏانهن بعد ۾ ٽرانسفر ٿيو جنهن تي احتساب عدالت جي جج چيو ته ايف آءِ اي کان جيڪو ڪيس نيب ڏانهن ٽرانسفر ٿيو ان ۾ ته احسن اقبال جو نالو ئي نه هو.

احتساب عدالت جي جج چيو ته نيب ٻڌائي ته احسن اقبال جي خلاف ريفرنس اچڻو آهي يا ڪيس خارج ڪري ڇڏيون؟ احسن اقبال استدعا ڪئي ته نيب چيئرمين کي ذاتي حيثيت ۾ عدالت طلب ڪيو وڃي جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر سهيل عارف چيو ته نيب چيئرمين جي نمائندگي جي لاءِ اسان هتي موجود آهيون. اڳوڻي گهرو وزير چيو ته عدالت نيب کي ريفرينس داخل ڪرڻ جو آخري موقعو ڏي.

اسپورٽس سٽي ڪامپليڪس ۾ هن سال پي ايس ايل جا ميچ ٿيڻا هئا پر منصوبو ئي روڪيو ويو. احتساب عدالت طرفان چيو ويو ته نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال ٻڌائي ته اڃان تائين ريفرنس ڇو داخل ناهي ڪيو ويو.؟ عدالت نيب کي تفصيلي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 26 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔