مخالف ڌر پاران ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس اڄ لاهور ۾ ٿيندي

لاهور: پاڪستان پيپلز پارٽي  پاران مخالف ڌر جي ڪل جماعتي ڪانفرنس(اي پي سي) اڄ ٿيندي جنهن ۾ سموريون اپوزيشن پارٽيون شرڪت ڪنديون.

پيپلز پارٽي پنجاب جي صدر قمرزمان ڪائره ٻڌايو آهي ته اي پي سي ۾ ڪورونا تي پنجاب حڪومت جي قدمن جو جائزو وٺنداسين. هن ٻڌايو ته اين ايف سي ايوارڊ 18هين ترميم تي حڪومت  پاران کنيل قدم به غور هيٺ ايندا. مسلم ليگ(ن) جو 3 رڪني وفد آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. صدر مسلم ليگ(ن) پنجاب رانا ثناءُالله وفد جي اڳواڻي ڪندو.

وفد ۾ سردار اويس لغاري ۽ عظميٰ بخاري جا به نالا شامل آهن. ڪانفرنس جي صدارت پيپلز پارٽي پنجاب جو صدر قمرزمان ڪائرو ڪندو. مسلم ليگ(ن)، مسلم ليگ(ق)، جماعت اسلامي، عوامي نيشنل پارٽي، جمعيت علماءِ اسلام، جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان، عوامي ورڪرز پارٽي ۽ برابري پارٽي سميت ٻين پارٽين جي اڳواڻن کي دعوت ڏني وئي آهي.

ڪانفرنس جي ختم ٿيڻ کان پوءِ اڳواڻ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا. پ پ ترجمان موجب ڪورونا ۽ ماڪڙ جي حملن کان پوءِ جي صورتحال، اين ايف سي ايوارڊ ۽ ارڙهين آئيني ترميم جي خلاف امڪاني حڪومتي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔