ويٽنام فٽبال ليگ اسٽيڊيم جا دروازا شوقينن لاءِ کولي ڇڏيا

هنوئي: ويٽنام فٽبال ليگ سيزن ٻيهر شروع ٿيڻ تي اسٽيڊيم جا دروازا شوقينن لاءِ کولي ڇڏيا آهن. گذريل ڏينهن ٽاپ ايونٽ جي ٻيهر شروعات تي سوين تماشائي اسٽيڊيم ۾ داخل ٿيا.

ان موقعي تي سوشل ڊسننس جو ڪنهن به قسم جو خيال نه رکيو ويو جنهن سبب ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

ياد رهي ته ويٽنام ۾ پروفيشنل فٽبال به مارچ ۾ معطل ٿي وئي هئي ملڪ ۾ هن وبا سبب ڪنهن جي فوتگي واقع نه ٿي آهي ۽ صرف 328 ڪيس سامهون اچڻ سبب راندين جون سرگرميون ٻيهر شروع ڪيون ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔