اداڪار نه هجان ها ته برياني جو دڪان هلايان ها: فهد مصطفيٰ

ڪراچي : پاڪستان جي مشهور ٽي وي ۽ فلمي اداڪار، پروڊيوسر فهد مصطفيٰ انڪشاف ڪيو آهي ته اداڪاري جي ميدان ۾ اچڻ کان اڳ سندس والد سندس لاءِ برياني جو دڪان کولڻ وارو هو.تازو ئي اداڪار فهد مصطفيٰ اداڪار ۽ ميزبان محب مرزا جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي.پروگرام دوران فهد مصطفيٰ محب مرزا سان دلچسپ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سوالن جا جواب ڏنا.جڏهن ته اداڪار پنهنجي ڪيريئر جي شروعات، پيشه ورانه زندگي ۽ مستقبل جي منصوبن بابت ڳالهائيندي، هن هڪ دلچسپ انڪشاف سان سامعين کي حيران ڪري ڇڏيو.فهد مصطفيٰ چيو ته جيڪڏهن مان اداڪار نه هجان ها ته برياني جو دڪان هلائيان ها.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔