جاپان ۾ سامونڊي طوفان سان تباهي، لکين ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور

ٽوڪيو: جاپان جي ڏکڻ اولهه علائقن ۾ سامونڊي طوفان شانشان تباهي مچائي ڇڏي، مختلف حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 45 زخمي ٿي پيا.

مقامي ميڊيا موجب 50 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، جاپان جي 7 ضلعن ۾ ٻه لک کان وڌيڪ ماڻهو بجلي کان محروم آهن.

رپورٽن موجب طوفان متاثر علائقن ۾ 8 سئو کان وڌيڪ اڏامون معطل ڪيون ويون آهن، ڪيوشو ٻيٽ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٽرين، فيري ۽ بس سروسز بند آهن.

سامونڊي طوفان اڄ صبح ڪيوشو ٻيٽ جي سامونڊي علائقن سان ٽڪرايو هو، موسميات کاتي ٻن ڏينهن ۾ اهو ٽوڪيو ڏانهن وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔