اسلام آباد: فيڪٽري جي ڇت ڪرڻ سبب 5 مزدور دٻجي فوت

اسلام آباد: : اسلام آباد جي علائقي همڪ ۾ فيڪٽري جي ڇت ڪرڻ سبب 5 مزدور دٻجي فوت ٿي  ويا آهن.

ريسڪيو ذريعن موجب فيڪٽري جي ڇت ڪرڻ جي واقعي ۾ 2 مزدورن کي بچايو ويو جڏهن ته هڪ مزدور اڃان تائين ملبي جي هيٺيان دٻيل آهي جنهن کي ڪڍڻ جي لاءِ آپريشن جاري آهي.

ريسڪيو ذريعن ٻڌايو آهي ته فوت ٿي ويل مزدورن مان 4 جو تعلق تونسه شريف سان ۽ هڪ ڪراچي جي علائقي ملير جو رهواسي هو.

پوليس ذريعن موجب حادثي ۾ فوت ٿي ويل 4 ڄڻن جي سڃاڻپ لکي، سجاد، اڪبر ۽ اعجاز جي نالي سان ٿي آهي. اسلام آباد پوليس ۽ ريسڪيو جون ٽيمون امدادي ڪارروائين ۾ مصروف آهن جڏهن ته لاڳاپيل ايس پي ايس ڊي پي او ۽ ٻيا آفيسر واقعي واري هنڌ موجود آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔