دهشتگردن کي ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، ملڪ جي دشمنن سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن: وزيراعطم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي آئين ۽ سائي جهنڊي کي مڃيندڙن سان ڳالهين جا رستا کليل آهن، پر دشمنن سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن، نه ئي نرم رويو اختيار ڪري سگهجي ٿو.

وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ ڳالهيون ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ دهشتگردي جا برداشت نه ڪرڻ جوڳا واقعا ٿيا آهن، تازو دهشتگردي جي واقعن ۾ 50 کان وڌيڪ شهري ۽ سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار به شهيد ٿيا.

وزيراعظم چيو ته ڊيره اسماعيل خان، ڪرڪ ۾ به بيگناهه  ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو. دهشتگرد سموريون ڪارروايون افغانستان مان آپريٽ ڪندا آهن، دهشتگردن جي خلاف ڪيترائي آپريشن به ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، بلوچستان ۾ دهشتگردي جو مقصد ملڪ ۾ انتشار پيد اڪرڻ آهي، دهشتگردن بس مان لاهي معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو.

شهباز شريف چيو ته دهشتگرد پاڪستان جي ترقي ۽ سي پيڪ جي منصوبي کي روڪڻ چاهين ٿا، دهشتگرد پاڪستان ۽ چين وچ ۾ فاصلا پيدا ڪرڻ  چاهين ٿا، هاڻ دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج سمورا وسيلا مهيا ڪندي.

وزيراعظم چيو ته اسان کي پنهنجي دشمنن جي سڃاڻپ ڪرڻي پوندي، پاڪستان جي آئين ۽ جهنڊي کي مڃيندڙن سان ڳالهين جا رستا کليل آهن. دشمنن سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن نه ئي نرم رويو اختيار ڪري سگهجي ٿو.

وزيراعظم ڪابينه ميمبرن سان ڳالهين ۾ چيو ته مان تمام جلد بلوچستان جو دورو ڪندس ۽ اتان جي صورتحال جو جائزو وٺندس، دهشتگردن کي  وڏي غلط فهمي آهي ته هو بي گناهه شهرين کي شهيد ڪري پنهنجا ناپاڪ ارادا ماڻي سگهندا، هنن جو مقصد ملڪ ۾ انتشار پيدا ڪرڻ ۽ خوشحالي جي لاءِ کنيل حڪومتي قدمن کي روڪڻ آهي، هي چاهين ٿا ته س پيڪ کي روڪي سگهجي ۽ پاڪستان چين وچ ۾ فاصلا پيدا ڪري سگهجن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔