لاهور : قومي ڪرڪيٽرن جي نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ وڏي پيماني تي تبديلي جو امڪان آهي.سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو مالي ماڊل 30 جون تي ختم ٿيندو، جڏهن ته نون سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو مدو پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندو، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين محسن نقوي مالي ماڊل تي فيصلو ڪندو.اڳوڻي پي سي بي چيئرمين ذڪا اشرف جي دور ۾ 2023 ۾ 3 سالن لاءِ مالي ماڊل متعارف ڪرايو ويو هو، جيڪو موجوده پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي دور ۾ تبديل نه ڪيو ويو، پر رانديگرن جي ڪيٽيگريز کي فٽنيس ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي تبديل ڪيو ويو.هاڻي نون سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو مدو پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندو، ان حوالي سان، نون سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي نالن بابت شروعاتي بحث جاري آهي.گذريل سال 30 ڪرڪيٽرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏنا ويا هئا، پهريون ڀيرو ڪنهن به ڪرڪيٽر کي اي ڪيٽيگري ۾ شامل نه ڪيو ويو هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ وڏي تبديلي نظر ايندي، سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ ڪيترن ئي ڪرڪيٽرن کي تنزلي ۽ ڪيٽيگريز ۾ ترقي ڏني ويندي.سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ محمد نواز، عبدالله شفيق، فهيم اشرف، حسين طلعت ۽ خوشدل شاهه جي شموليت جو امڪان گهٽ آهي، جڏهن ته اذان اويس ۽ عبدالله فضل سميت ڊوميسٽڪ پرفارمرز کي شامل ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
تبصرے بند ہیں۔