جاپان جي ريجن ڪانتو ۾ سامونڊي طوفان، سوين اڏامون رد

ٽوڪيو : جاپان جي ريجن ڪانتو ۾ سامونڊي طوفان سبب سوين اڏامون رد ٿي ويون.
ٽوڪيو ۾ طوفاني هوائن سان برسات سبب اڏامن جي اچ وڃ متاثر ٿي وئي ۽ سوين اڏامون رد ڪيون ويون.
سامونڊي طوفان ۽ موسم جي خرابي سبب اڏامون رد ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک کان وڌيڪ مسافر متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.
سامونڊي طوفان سبب ٽوڪيو ۽ ناگويا وچ ۾ هلندڙ سموريون بلٽ ٽرينون به رد ڪيون ويون آهن.
جاپاني حڪومت متاثر علائقن مان تقريبن 19 هزار رهواسين کي ڪڍڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.
جاپان ۾ سامونڊي طوفان سبب تقريبن 2 هزار گهرن ۾ بجلي بند آهي.
جاپان جي موسمياتي ايجنسي طوفان ايمپل کي وڌيڪ طاقتور طوفان جو درجو ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔