پاڪستاني آفيسر تائيوان سان ڪنهن به قسم جو رابطو نه رکن، وفاقي حڪومت نئين ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد: پاڪستاني حڪومت تائيوان ۽ اتر ڪوريا  سان لاڳاپن بابت پنهنجن سرڪاري آفيسرن جي لاءِ نئين ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي آهي.

ڪابينه ڊويزن طرفان جاري ڪيل ايڊوائزري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستاني سرڪار جا اهلڪار تائيوان سان ڪنهن به قسم جا سرڪاري ۽ غير سرڪاري تعلق نه رکن، ڪابينه ڊويزن جي ايڊوائزري موجب ڪوبه سرڪاري اهلڪار تائيوان انتظاميه سان رابطو نه ڪري، ڪابينه ڊويزن وزيراعظم کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

پاڪستان اهو فيصلو ون چائنه پاليسي جي تحت ڪيو آهي، ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ ڪوريا سان رابطي کان اڳ اختيارين کي وزيراعظم آفيس ۽ پرڏيهي وزارت کان اجازت وٺڻي پوندي.

اهي ملڪ جن سان پاڪستان جي ڇڪتاڻ آهي انهن سان رابطي کان اڳ وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزارت کان اڳواٽ اجازت وٺڻي پوندي. سمورا سرڪاري ملازم ڀارت جي پرائيويٽ يا سرڪاري دوري کان اڳ پرڏيهي وزارت کان اين او سي وٺندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔