واٽس ايپ جو اُهو ڪارائتو فيچر جنهن جي گهڻ کي خبر ئي ناهي

سڄي دنيا ۾ ٻه ارب کان وڌيڪ ماڻهو واٽس ايپ جو استعمال ڪري رهيا آهن ۽ اڪثر واهپيدارن کي پيغامن جي ڀرپار سبب پريشاني جو منهن ڏسڻو پوندو آهي.
اِها حقيقت آهي ته ڪيئي ماڻهن لاءِ واٽس ايپ جا سمورا پيغام پڙهڻ انتهائي مشڪل ۽ ٿڪائيندڙ عمل آهي، جڏهن ته کوڙ پيغام اهڙا به هوندا آهن جيڪي صارف لاءِ غير ضروري هوندا آهن.
پر ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته واٽس ايپ ۾ هڪ اهڙو فيچر موجود آهي جنهن ذريعي اوهان سمورن ان ريڊ پيغامن کي فوري طور ڪليئر ڪري سگهو ٿا؟
هونئن ته واٽس ايپ جي پيغامن کي ڪليئر ڪرڻ گهڻو وقت لڳي ويندو آهي ڇو ته ان لاءِ هر چيٽ کي اوپن ڪري سمورا پيغام ڏسڻا پوندا آهن.
پر واٽس ايپ جي هڪ لکيل مينيو سان اِهو عمل انتهائي تيز رفتاريءَ سان مڪمل ڪري سگهجي ٿو.
ان فيچر ذريعي اوهان واٽس ايپ ان باڪس کي اڻڳڻين ان ريڊ ميسجز کان پاڪ رکي سگهو ٿا.
ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ پهريان اِهو ڏسڻو پوندو ته واٽس ايپ ۾ موجود چيٽ فلٽرز يعني آل، ان ريڊ، گروپس ۽ فيورٽس بٽڻ موجود آهن يا نه.
جيڪڏهن بٽڻ موجود آهن ته آل يا ان ريڊ فلٽر کي دٻائڻ تي هڪ مينيو شو ٿيندو جنهن تي مارڪ ايز ريڊ جو آپشن نظر ايندو.
ان آپشن کي سليڪٽ ڪرڻ تي سمورا ان ريڊ ميسجز گم ٿي ويندا يا ائين کڻي چئجي ته ائين محسوس ٿيندو چڻ اوهان اِهي سمورا پيغام پڙهي ورتا آهن.
هن فيچر ذريعي اهڙن واهپيدارن کي وڌيڪ فائدو ٿيندو جيڪي مختلف واٽس ايپ گروپس جو حصو آهن ۽ سندن لاءِ سمورا پيغام پڙهڻ ممڪن نه آهي.
ان طريقيڪار تحت واهپيدارن کي وقت جي بچت سان گڏوگڏ واٽس ايپ ان باڪس کي منظم رکڻ ۾ به مدد ملندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔