ٽرمپ حملو سازش: پاڪستاني شهري جي گرفتاري تي پرڏيهي وزارت جو بيان سامهون اچي ويو

اسلام آباد: اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ٻين آمريڪي سياستدانن جي قتل جي سازش جي الزام ۾ پاڪستاني شهري جي گرفتاري تي پرڏيهي وزارت جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ  بيان ۾ چيو آهي ته اسان ميڊيا رپورٽون ڏٺيون آهن، اسان ان حوالي سان آمريڪي اختيارين سان رابطي ۾ آهيون ۽ وڌيڪ تفصيلن جو انتظار ڪري رهيا آهيون.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انهي واقعي جي جاچ جاري آهي. پنهنجو باضابطه رد عمل ڏيڻ کان اڳ اسان کي جوابدار جي حوالي سان وڌيڪ ڄاڻ جي ضرورت آهي.

ياد رهي ته آمريڪا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ٻين سياستدانن جي قتل جي امڪاني سازش جي الزام ۾ پاڪستاني شهري تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.  آمريڪي ميڊيا موجب آمريڪي انصاف واري وزارت الزام هنيو آهي ته 46 ورهين جي پاڪستاني شهري آصف مرچنٽ ايراني حڪومت سان مبينه رابطي ۾ آهي، ايف بي آءِ جو اهو چوڻ آهي ته مبينه سازش جو حدف ڊونلڊ ٽرمپ هو.

آمريڪي انصاف واري وزارت جو چوڻ هو ته آصف مرچنٽ ٻڌايو آهي ته هو پاڪستاني شهري آهي ۽ پاڪستان ۾ رهندو آهي هن اهو به ٻڌايو ته ان جا پاڪستان ۽ ايران ۾ به زال ۽ ٻار رهندا آهن.

آمريڪي ميڊيا ميڊيا موجب مبينه سازش جو حدف آمريڪي حڪومت جا موجوده ۽ اڳوڻا اهلڪار هئا، آصف مرچنٽ ڪرائي جي قاتلن سان رابطي ۾ هو اهي اصل ۾ ايف بي آءِ اهلڪار هئا. آمريڪي استغاثه موجب آصف مرچنٽ کي 12 جولاءِ تي آمريڪا کان ٻاهر وڃڻ جي تياري وقت گرفتار ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔