اسد عمر جي عدالت ۾ پيشي تي طبيعت خراب، اسپتال منتقل

لاهور:  لاهور ۾ دهشتگردي جي انت واري  عدالت ۾ پيشي دوران اسد عمر جي طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي، اسد عمر جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس عدالت جي ڪمري مان کڻي مرڪزي گيٽ تي  موجود گاڏي ۾ منتقل ڪيو ويو. پي ٽي آءِ اڳواڻ زين قريشي اسد عمر کي کڻي اسپتال روانو ٿيو، اسد عمر جو پنجاب انسٽِيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي ۾ علاج جاري آهي.

ذريعن موجب اسد عمر جو بلڊ پريشر گهٽ ٿي ويو هو جڏهن ته ان جي اي سي جي صحيح آهي، اسد عمر پنهنجي بيماري بابت ڊاڪٽرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جو اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب، ڊپٽي پارلياماني اڳواڻ زين قريشي ۽ محمد احمد چٺه، ايم اين اي بلال اعجاز به آءِ سي يو ۾ موجود آهن.

اسپتال انتظاميه چيو آهي ته اسد عمر جي حالت هاڻ خطري کان ٻاهر آهي، بنا ناشتي جي بلڊ پريشر جي دوا وٺڻ سبب سندس طبيعت خراب ٿي آهي کيس طبي امداد ڏني وئي آهي، جنهن کان پوءِ سندس حالت هاڻ بهتر ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔