سنڌ حڪومت بس اڏن کي ڪراچي کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي: سنڌ حڪومت بس اڏن کي شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ موجود سمورن بس اڏن کي شهر کان ٻاهر منتقل ڪيو پيو وڃي، شهر کان بس اڏن تائين شٽل سروس هلائي ويندي.

هن چيو ته هيوي گاڏين سبب شهرين کي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ ان سان روڊن تي به دٻاءُ وڌندو آهي، سمورن بس اڏن(انٽر سٽي) کي ڪراچي شهر کان ٻاهر منتقل ڪيو پيو وڃي

شرجيل ميمڻ چيو ته بس ٽرمينل کي وڌيڪ جديد سهولتون ڏنيون پيون وڃن. ڪراچي بس ٽرمينل تي پوليس جي چيڪ پوسٽ به ٺاهي پئي وڃي جڏهن ته ڪينٽ اسٽيشن، صغير شهيد روڊ، ايم اي جناح روڊ ۽ الڪرم اسڪوائر کان بس اڏن تائين شٽل سروس هلائي ويندي.

شرجيل ميمڻ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مفادن جو خيال رکندي قدم کنيا وڃن ۽ اهڙا قدم کنيا وڃن جيئن ٽرانسپورٽرز کي نقصان نه ٿئي ۽ مسافرن کي رليف ملي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔