اسلام آباد: قومي اسيمبلي اپوزيشن جي سخت احتجاج ۽ گوڙ دوران اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو.
قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي سربراهي ۾ ٿيو جنهن ۾ چيئرمين قائمه ڪميٽي چونڊ ايڪٽ ترميمي بل تي ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي.
ان دوران اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل منظوري جي لاءِ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو جڏهن ته اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل غور هيٺ آڻڻ جي تحريڪ به پيش ڪئي وئي جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو.
تحريڪ بلال اظهر ڪياني پيش ڪئي جنهن جي اپوزيشن سخت مخالفت ڪئي. اپوزيشن ميمبرن ايوان ۾ احتجاج ۽ نعريبازي ڪئي، اسپيڪر ڊائس جو گهيراءُ ڪيو ويو ۽ ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙيون ويون.
ان دوران علي محمد خان ترميمي بل تي ترميم پيش ڪئي جنهن جي قانون واري وزير مخالفت ڪري ڇڏي. قانون واري وزير اعظم نذير چيو ته هي قانونسازي آئين جي روح مطابق آهي، غير آئيني نه آهي. علي محمد خان چيو ته اها قانونسازي اسان جو رستو روڪڻ جي لاءِ آهي اسان جي 41 ميمبرن حلف ڏنا ته انهن جو تعلق سني اتحاد ڪونسل سان آهي. اوهان جي وڪيل چيو ته مخصوص سيٽون سني اتحاد ڪونسل لاءِ گهري رهيا آهيون جنهن پارٽي اليڪشن ۾ حصو حصو نه ورتو، انهن کي مخصوص سيٽون نٿيون ڏئي سگهجن، اسان ڪهڙي ڏوهه ۾ ترميم ڪرڻ نه پيا وڃون..
علي محمد خان چيو ته سپريم ڪورٽ چيو آهي ته پي ٽي آءِ سياسي پارٽي هئي، آهي ۽ رهندي اليڪشن ڪميشن کان پڇيو ويو ته ڇا 39 ميمبرن جي لاءِ پي ٽي آءِ حلال ۽ 41 لاءِ حرام آهي؟ اسان انهي ترميمي بل کي رد ڪريون ٿا. قانونسازي ضرور ڪريو پر اها ملڪ جي مفاد ۾ ٿيڻ گهرجي اسان انهي قانونسازي جي خلاف عدالت وينداسين.
جنهن کان پوءِ اسپيڪر اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل جي شق وار منظوري جو عمل شروع ڪيو ۽ ايوان اپوزيشن جي سخت احتجاج ۽ گوڙ دوران بل کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو جڏهن ته ايوان اڪثريت راءِ سان اپوزيشن جي ترميم رد ڪري ڇڏي.