بجلي جي بلن جي ادائيگي لاءِ مقرر ڪيل تاريخ ۾ 10 ڏينهن جي واڌ

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بلن جي ادائيگي جي مقرر ڪيل تاريخ ۾ 10 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي.

پاور ڊويزن جي پڌرائي موجب وزيراعظم جي هدايت تي پاور ڊويزن بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پاور ڊويزن جي پڌرائي موجب جولاءِ ۽ آگسٽ جي بلن جي ادائيگي جي مقرر ڪيل تاريخ ۾ 10 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي. پڌرائي موجب وزيراعظم بجلي صارفين جي پريشانين کي نظر ۾ رکندي هدايتون جاري ڪيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔