اسماعيل هانيه جي قتل جو بدلو وٺڻ تهران جو فرض آهي: آيت الله علي خامنائي

ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي چيو آهي ته اسماعيل هنيه جي قتل جو بدلو وٺڻ تهران جو فرض آهي، اسرائيل سخت سزا جو بنياد فراهم ڪيو آهي

جڏهن ته ايران جي نئين چونڊيل صدر مسعود پزشڪيان اسماعيل هنيه جي شهادت تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ايران دهشتگردن کي اسماعيل هنيه جي قتل تي پڇتائڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيندو، ايران پنهنجي علائقائي سلامتي ۽ وقار جو تحفظ ڪندو

ايراني صدر پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايران دهشتگردن کي پنهنجي بزدلاڻي ڪارروائي تي پڇتائڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيندو

ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ناصر ڪنعاني چيو آهي ته اسماعيل هنيه هڪ فخر ڪرڻ جوڳو ويڙهاڪ هو

هن چيو ته هنيه جو خون ڪڏهن به رائگان نه ويندو، ايران واقعي جي جاچ ڪري رهيو آهي، اسماعيل هنيه جي قتل سان ايران ۽ فلسطينين وچ ۾ موجود ويجهڙائي وارا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔