پاڪستاني ڄائي شبانه محمود برطانيا جي پهرين عورت مسلمان لارڊ چانسلر طور قسم کڻي ورتو

لنڊن: پارليامينٽ رڪن شبانه محمود برطانيا جي پهرين عورت مسلمان لارڊ چانسلر طور عهدي جو قسم کڻي ورتو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، پاڪستاني ڄائي شبانه محمود قرآن پاڪ تي حلف کنيو.

ان موقعي تي شبانه محمود چيو ته نئين ذميواري استحقاق ۽ ٻوجهه ٻئي آهي، ان ذميواري سان ايندڙ نسلن لاءِ در کُلندا، مان پهرين لارڊ چانسلر آهيان جيڪي اردو ٻولي ڳالهائي سگهي ٿي.

هن قانون جي عالمي حڪمراني واري دفاع ۽ انساني حقن جي پاسداري جو عهد ڪندي چيو ته عدليه کي سياسي دٻاءُ ۽ غير ضرروي اثر رسوخ کانسواءِ فيصلا ڪرڻ گهرجن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔