سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ وڌيڪ تيز برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي: سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ هلندڙ هفتي وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب، 16 جولاءِ کان عربي سمنڊ وٽان چوماسي برساتن جو نئون سسٽم ملڪ جي مختلف علائقن ۾ داخل ٿيندو، سنڌ جي مختلف علائقن ۾ 18 کان 19 جولاءِ دوران آنڌاري ۽ گجگوڙ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ 17 کان 20 جولاءِ تائين تيز هوائون ۽ گجوڙ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.

ڪي پي جي مختلف علائقن ۾ 16 کان 21 جولاءِ دوران تيز هوائن ۽ گجوڙ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي، بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ 17 کان 19 جولاءِ دوران آنڌاري سان گڏ برسات ٿي سگهي ٿي.

موسميات کاتي طرفان گلگت بلتستان ۾ 17 کان 21 جولاءِ دوران موسم جهڙالي رهڻ ۽ وقفي وقفي سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪشمير ۾ 16 کان 21 جولاءِ تائين گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔